سـرمـد اياز

سـرمـد اياز

سرمد اياز

سـرمـد اياز: نئيـن ٽهـيءَ جي مقبول راڳي، سرمد اياز جو پورو نالو اياز حسين ولد غلام حيدر مهيسر آهي. هن 1974ع ڌاري ڳوٺ لونگ مهيسر، تعلقي ميهڙ ۾ جنم ورتو. بي. اي تائين تعليم حاصل ڪيائين. کيس ڳائڻ جو شوق ننڍپڻ کان هو. مشهور قومي راڳي سرمد سنڌيءَ کان متاثر ٿي موسيقيءَ جي سکيا ورتائين. هن استاد صادق علي، سرمد سنڌي ۽ استاد انور عليءَ کان راڳ جي سکيا ورتي. هارمونيم ۽ ڪي بورڊ ساز وڄائڻ به ڄاڻي ٿو.
سندس ڳايل مشهور گيتن ۾: (1) تو کي چاهيو بندش هوندي،
(2) پيار پنهنجو پرين، (3) ٺاهڻ ڪو نه ڏينداسين ڊئم- وغيره شامل آهن.
هن وقت تائين سرمد اياز جون 22 آڊيو ڪئسيٽون ۽ 5 وڊيو سي ڊيون مارڪيٽ ۾ اچي چڪيون آهن. ان کانسواءِ هي قومي ڪاڄن ۽ نجي محفلن ۾ به ڳائي ٿو. سرمد اياز اڄڪلهه ڪوٽڙيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ سرمد ايازھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو